حماد الله هاليجوي

حماد الله هاليجوي: برصغير جو عظيم روحاني بزرگ ۽ عالم الله هاليجوي'>حماد الله هاليجوي ولد ميان محمود عيساڻي 1301هه مطابق 1882ع ڌاري پني عاقل، ضلعي سکر جي ڳوٺ هاليجي شريف ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو حماد الله اول به اهل الله ۽ درويش ٿي گذريو آهي، هيءُ پنجن، ڇهن سالن جو هو ته سندس والد بزرگوار وفات ڪئي. تعليم جي حاصلات لاءِ ڏاڍا ڪشالا ڪٽيائين. شروعاتي تعليم مولوي آخوند ابراهيم انڍڙ ۽ مولوي مٺا صاحب وٽان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ مولوي محمد موسيٰ آرائين وٽان عربيءَ جا ڪتاب پڙهيو. آخوند حبيب الله وٽ نام حق پڙهيو، فارسي تعليم مفتي عبدالڪريم عباسيءَ ۽ مولانا نور محمد عادلپوريءَ کان حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي پنهنجي ڳوٺ هاليجيءَ ۾ مدرسو قائم ڪيائين، بعد ۾ ٺيڙهيءَ واري ’دارالهديٰ‘ مدرسي ۾ مدرس ٿيو، جتي ڪيترا ئي ناميارا عالم سندس علمي بصيرت کان فيضياب ٿيا. اونهاري ۾ ٺيڙهيءَ ۾ پڙهائيندو هو ۽ سياري ۾ پنهنجي ڳوٺ هاليجيءَ ۾ درس تدريس ڏيندو هو.مولانا الله هاليجوي'>حماد الله هاليجوي مشهور ديني عالمن مولانا پنهواري واري علامه عبدالقادر، علامه قمرالدين انڍڙ، پير جهنڊي واري مدرسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو شاگرد رهيو. شروع ۾ کنيارن واري مخدوم محمد معصوم نقشبنديءَ جي عقيدتمندن جي حلقي ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ ٺيڙهيءَ واري مدرسي ۾ مدرس هجڻ دوران تاج محمود امروٽيءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي چوڻ تي واپس هاليجي آيو ۽ پورا ٻاونجاهه سال هاليجي ۾ پڙهائيندو ۽ خلق جي خدمت ڪندو رهيو. هر قسم جي شرڪ، بدعت جي خلاف جنگ جوٽيائين. سڄي عمر شريعت ۽ سنت نبويءَ جو پابند رهيو. هن جي مجلسن ۾ قرآن مجيد ۽ حديث جو دؤر هلندو رهندو هو. مولانا روميءَ جي مثنوي ۽ ابن قارض جي شاعريءَ سان کيس دلي لڳاءُ هو، مولانا حماد الله انگريزن خلاف خوب جدوجهد ڪئي، سياسي طور جميعت العلماءِ هند سان واڳيل هو. 1936ع ۾ ڪل هند جماعت جي جلسي ۽ ساڳئي سال ٿيل جمعيت علماءِ هند جي اجلاس جي صدارت ڪيائين. سندس علماءِ ديوبند سان گهرو سٻنڌ هو، تڏهن به هيءُ هر قسم جي مذهبي گروهه بنديءَ کان نفرت ڪندو هو. پاڻ هاڪاري حڪيم هو. سندس ڪوشش سان 1942ع ۾ پني عاقل جي تاريخي لوڙهي واري مدرسي ۾ ڪل هند ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جا عظيم عالم مولانا حسين احمد مدني، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حفظ الرحمان سهارينوي، مولانا احمد علي لاهوري، سيد عطاءُ الله شاهه بخاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد اجمل، مولانا غلام الله، مولانا غلام غوث هزاروي، مولانا اشرف علي ٿانوي، مفتي محمد شفيع، مولانا محمد علي جالنڌري سميت ڪيترا هاڪارا عالم وٽس هاليجي شريف ۾ ايندا رهندا هئا. ڇهه شاديون ڪيائين جنهن مان زندگيءَ ۾ کيس چئن پُٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. حماد الله هاليجويءَ لاءِ سندس مرشد تاج محمود امروٽيءَ جا هي لفظ شاندار خراج تحسين آهن: ”اسان جيڪو ڏڌ ولوڙيو، ان مان جيڪو مکڻ نڪتو سو مولانا حماد الله کڻي ويو، هاڻي اسان لسي پيا ٿا ورهايون“. پاڻ هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيائين: (1) ’الياقوت و المرجان‘، (2) ’شرح قصيده برده‘، (3) ’شرح قصيده باخت‘، (4) ’سـعـاد خـطـبـات‘، (5) ’مـلـفـوظـات لـغـات قــرآن‘، (6) ’اٺ مـسـئـلا‘، (7) ’ملفوظات تعليقات سبح معقات‘.
هن بزرگ 18 اپريل 1962ع تي 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


لفظ حماد الله هاليجويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو